محسن نقوي کان پي ايس ايل ڪارڪردگي ۽ بورڊ جي خرچن جا تفصيل طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي کان پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ طلب ڪري ورتي آهي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان ڪراچي ۽ لاهور ۾ اسٽيڊيمز جي نئين سر اڏاوت تي ايندڙ خرچن جا تفصيل پڻ گهريا ويا آهن.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، گذريل ڇهن مهينن دوران ڪرڪيٽ بورڊ جي مجموعي ڪارڪردگي بابت به اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.