ترڪ ڪنوار ڏاج ۾ مليل سوا ڪروڙ ماليت جو سون غزا لاءِ عطيو ڪري ڇڏيو

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي صوبي باتمان سان واسطو رکندڙ هڪ ڪنوار پنهنجي وليمي جي موقعي تي ملندڙ سون فلسطيني عوام جي مدد لاءِ عطيو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ماليت تقريبن 40 هزار ڊالر يعني هڪ ڪروڙ 12 لک پاڪستاني رپيا بڻجي ٿي.
ڪنوار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي شادي کي هڪ نيڪ مقصد سان شروع ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن غزا جي مظلوم عوام جي پريشانين کي گهٽ ڪري سگهجي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته منهنجو اهڙو قدم ٻين جي لاءِ به همدردي جي جذبي ۽ يڪجهتي جي تحريڪ بڻجندو، خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ جڏهن اسرائيلي جارحيت جي ڪري فلسطيني عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.