لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي فوجي شرٽ پاتل تصوير ۽ چانهه جي ڪوپ سان گڏ طنزيه پيغام ڀارتي سوشل ميڊيا واهپيدار کي چيڙائي ڇڏيو آهي.
شاهد آفريدي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي گذريل ڏينهن هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس فوجي شرٽ پهريل آهي ۽ سندس هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ آهي.
اها پوسٽ هن اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر شيکر ڌون جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ ڪئي، تصوير سان گڏ شاهد آفريدي لکيو ته” هار کٽ کي ڇڏيو، شيکر اچ ته توکي چانهه پيئاريان.“
ان پوسٽ تي ڪيترن ئي ڀارتي واهپيدارن سخت قسم جا تبصرا ڪيا، جن کي ٻين ملڪن جي سوشل ميڊيا واهپيدارن تنقيد جو نشانو بڻايو.
واضح رهي ته اڳوڻي ڀارتي اوپنر شيکر ڌون به هڪ ڏينهن اڳ شاهد آفريدي کي جواب ڏيندي لکيو هو ته” ڪارگل ۾ به توهان کي شڪست ڏني هئي، اڃا وڌيڪ ڪيترو ڪِرندئو، اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي.“
ان کان اڳ پهلگام واقعي تي ڀارتي فوج جي ناڪامي تي سوال اُٿاريندي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو هو ته ” اتي جيڪڏهن ڦٽاڪو به ڦاٽي ٿو ته ان جو الزام پاڪستان تي مڙهيو ويندو آهي.“
شاهد آفريدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ” والاريل ڪشمير ۾ اٺ لک ڀارتي فوج جي موجودگي باوجود اهڙو واقعو ٿيڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته توهان نااهل ۽ ڪم چور آهيو، جيڪي ماڻهن کي تحفظ فراهم نه ٿا ڪري سگهو.“
ان جي جواب ۾ اڳوڻي پاڪستاني ليگ اسپنر دانش ڪنيريا جو هڪ بيان ۾ چوڻ هو ته ”شاهد آفريدي مسلسل انتهاپسنداڻن خيالن جي پيروي ڪري رهيو آهي، هن ماضيءَ ۾ مون کي مذهب بدلائڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ مون سان گڏ ماني کائڻ کان به انڪار ڪيو هو.“
” هارَ کٽَ کي ڇڏ، شيکر ! اچ ته توکي فئنٽاسٽِڪ چانهه پيئاريان“ آفريديءَ جي پوسٽ تي ڀارتي چڙي ويا
You might also like