ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ڊيزائنر سبياساچي، بالي ووڊ اداڪارا راني مکرجي جي ڳجهي شادي بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن.
ياد رهي ته راني مکرجي ۽ هدايتڪار آدتيا چوپڙا جي رومانوي لاڳاپن جون خبرون ڪيترن ئي ورهين تائين ميڊيا جي زينت بڻيون رهيون، جنهن کانپوءِ ٻنهي 21 اپريل 2014ع تي اٽليءَ ۾ هڪ نجي تقريب دوران شادي ڪئي، جيڪا ايتري ڳجهي رکي وئي جو ان جي تصويرون اڄ ڏينهن تائين مداحن سان شيئر ناهن ڪيون ويون. ان شادي کان هڪ سال پوءِ 2015ع ۾ راني مکرجي ڌيءَ ”اديرا“ کي جنم ڏنو هو.
ويجهڙ ۾ راني مکرجي جي شاديءَ جو لباس ڊيزائين ڪندڙ مشهور ڊيزائنر سبياساچي هڪ يوٽيوب انٽرويو ۾ ان شادي بابت ڪجهه راز تان پردو کنيو آهي.
انٽرويو دوران جڏهن کانئس پڇيو ويو ته کيس ڪهڙي بالي ووڊ شادي سڀ کان دلچسپ لڳي ته هن جواب ڏنو ته راني مکرجي جي شاديءَ لاءِ لباس تيار ڪرڻ جو تجربو سڀ کان وڌيڪ چئلينجنگ ۽ دلچسپ هو.
سبياساچي ٻڌايو ته ” اڄ تائين مون ان لباس جون تصويرون به ظاهر نه ڪيون آهن، حقيقت ۾ اها شادي تڙ تڪڙ ۾ ٿي، آدتيا چوپڙا، ڪرن جوهر ۽ مان ڏاڍا پريشان هئاسين، پر راني مکرجي بلڪل پرسڪون هئي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ راني مون وٽ مانجهاندي تي آئي ۽ ٻڌايائين ته هوءَ شادي ڪري رهي آهي، مون پڇيو ته ڪهڙو لباس ڊيزائين ڪيان ۽ ڪيترو وقت آهي ته راني چيو ته فقط هڪ هفتو آهي، سڀ ڪجهه هڪ هفتي ۾ ڪرڻو آهي.“
سبياساچي وڌيڪ چيو ته ””اهڙي مختصر وقت ۾ شاديءَ جو لباس تيار ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو آهي، پر اهڙن موقعن تي ئي اصل مزو اچي ٿو.“
You might also like