اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد کي لنڊن، نيو يارڪ ۽ ماسڪو سميت دنيا جي ٻين وڏن شهرن کان وڌيڪ محفوظ قرار ڏنو ويو آهي.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب گلوبل ويب سائيٽ نمبيو دنيا جي 380 شهرن جو سيفٽي انڊيڪس جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ اسلام آباد کي دنيا جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ قرار ڏنو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته انڊيڪس ۾ اسلام آباد کي لنڊن، نيو يارڪ، اوسلو، سڊني، ماسڪو، ٽورنٽو ۽ بارسلونا کان وڌيڪ محفوظ شهر قرار ڏنو ويو آهي.
ترجمان موجب ورلڊ سيفٽي انڊيڪس نمبيو اسلام آباد کي 380 شهرن مان 93هون محفوظ ترين شهر قرار ڏنو.
ترجمان چيو ته ان کان اڳ گڏيل قومن اسلام آباد کي پنهنجي عملي لاءِ فيملي اسٽيشن به قرار ڏنو هو.
You might also like