لاهور (ويب ڊيسڪ) پرووينشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنجاب ۾ آنڌاري ۽ برساتن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي مختلف علائقن ۾ 30 اپريل کان 4 مئي تائين آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، منڊي بهاوالدين، گجرات، جهلم ۽ گوجرانوالا ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.
اهڙي ريت لاهور، قصور، سيالڪوٽ، نارووال، اوڪاڙا، فيصل آباد، ٽوبا ٽيڪ سنگھ، جھنگ، خوشاب، سرگوڌا ۽ ميانوالي ۾ به آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي موجب 2 کان 4 مئي دوران ڏکڻ پنجاب جي علائقن ملتان، ڊيرا غازي خان، بهاولپور ۽ بهاولنگر ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا، اسڪول ايجوڪيشن، صحت کاتي، آبپاشي، مواصلات کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کي به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته انفارميشن ڊپارٽمينٽ، واسا، پنجاب پوليس ۽ سول ڊفينس کي به موسمي حالتن جي حوالي سان الرٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عام ماڻهو اهڙي صورتحال ۾ کليل آسمان هيٺ نه وڃن.
You might also like