راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر کي ڪيرائي وڌو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀمبر جي علائقي مناور سيڪٽر ۾ دشمن ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي جاسوسي جي ڪوشش ڪئي پر پاڪ فوج ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر جي ايل او سي جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ناڪام بڻائيندي ان کي ڪيرائي وڌو.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪري دشمن جي ان ناپاڪ ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو فوري طور ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
You might also like