تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز تربت ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر چيو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.