ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري ملاقات ڪئي.
ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شوري جي محنت کي ساراهيو.
ان موقعي تي پ پ چيئرمين چيو ته اوهان ٻنهي جي محنت رنگ لاتو آهي، اوهان آئيني ادارن جي آڏو سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اجلاس جي ڪارروائي سان سنڌ جي موقف کي فتح ملي.
ان دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سي سي آءِ اجلاس بابت پ پ چيئرمين کي تفصيلي آگاهي پڻ ڏني.
مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شوري تڪراري ڪئنالن جي معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري جي مسلسل رهنمائي تي سندس ٿورا مڃيا.
” توهان ٻنهي سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو“ بلاول جي مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شورو کي شاباشي
You might also like