نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي سينيئر اڳواڻ سبرامنيئن سوامي پنهنجي ئي پارٽي جي وزيراعظم نريندر مودي ۽ گهرو وزير امت شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
بي جي پي اڳواڻ سبرامنيئن سوامي چيو آهي ته چين ۽ ترڪيه پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن، جڏهن ته ڀارت عالمي سطح تي مڪمل طور تي اڪيلو ٿي ويو آهي.
سوامي جو چوڻ هو ته وزيراعظم مودي کي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ڀارت کي هاڻي هڪ نئين اڳواڻ جي ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته چين، پاڪستان، مالديپ ۽ بنگلاديش جي معاملن تي نريندر مودي ۽ امت شاهه ڪيترن ئي موقعن تي هٿيار ڦٽا ڪري چڪا آهن، هاڻي ته چين سرعام اهو چئي رهيو آهي ته هو پاڪستان جي پاسي بيٺو آهي.
سبرامنيئن سوامي اهو به مطالبو ڪيو ته مودي طرفان چين کي ڏنل لداخ جو تحفو واپس وٺڻ گهرجي.
واضح رهي ته گذريل سال وزيراعظم مودي لداخ بابت نظرثاني ٿيل معاهدي تحت لوڪ سڀا جي منظوري کانسواءِ ڪجهه حصو چين حوالي ڪري ڇڏيو هو.
” ڀارت عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو“ وزيراعظم مودي مان پنهنجا به بيزار، استعيفيٰ جو مطالبو
You might also like