ڏکڻ وزيرستان ۾ امن ڪميٽي جي آفيس ڀرسان ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا

ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ امن ڪميٽي جي آفيس ڀرسان ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ڊپٽي ڪمشنر ناصر خان ٻڌايو ته ڌماڪو وانا ۾ امن ڪميٽي جي آفيس ڀرسان ٿيو، جنهن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب ڌماڪي سان امن ڪميٽي جي آفيس مڪمل طور تباهه ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.