خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب سائبر حملن جو خطرو، ايڊوائزري جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب سائبر حملن جو خطرو وڌي ويو، ان حوالي سان نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم ايڊوائزري جاري ڪئي آهي.
ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو هيڪر فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۾ سرڪاري ادارا ۽ حساس انفرا اسٽرڪچر سائبر حملن جو وڏو هدف ٿي سگهن ٿا.
ايڊوائزري موجب پاڪستان ۾ دفاعي، مالي ۽ ميڊيا شعبا سائبر حملن جو شڪار ٿي سگهن ٿا، هيڪر ادارن جي رازداري ۽ ڄاڻ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.