ڀارت فرانس کان 26 رافيل ايم جنگي جهاز خريدڻ جو معاهدو ڪري ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت فرانس سان 26 رافيل ايم جنگي جهازن جي خريداري جو معاهدو ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب معاهدي تحت فرانسيسي ڪمپني ڊاسو ايوي ايشن جا تيار ڪيل اهي جهاز ڀارتي بحريا جي جهاز بردار بحري جهازن سان آپريٽ ڪيا ويندا ۽ روس جي تيار ڪيل مگ 29 جي جهازن جي جاءِ وٺندا.
ڀارت جي بچاءَ واري وزارت موجب ان معاهدي ۾ 22 سنگل سيٽر ۽ 4 ٽو سيٽر جهازن سميت پائلٽس جي تربيت، سيموليٽرز، لاڳاپيل اوزار، هٿيار ۽ ڪارڪردگي تي ٻڌل لاجسٽڪ سپورٽ شامل آهي.
معاهدي تحت ڀارتي فضائيا جي ٻيڙي ۾ اڳ کان موجود 36 رافيل جهاز لاءِ به واڌو سامان فراهم ڪيو ويندو.
ڊاسو ايوي ايشن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي بحريا فرانس کانپوءِ پهرين فورس آهي، جيڪا رافيل ميرين جيٽ جهازن جو استعمال ڪندي.
ڀارتي ميڊيا موجب فرانسيسي ڪمپني اهي جهاز 2028 کان 2032 جي وچ ۾ ڀارت حوالي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.