صدر آصف علي زرداري سان مراد علي شاهه جي اهم ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ صدر آصف علي زرداري وڏي وزير مراد علي شاهه کي سنڌ ۾ عوامي ڀلائي جا جاري منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ايوان صدر جي پريس ونگ مان آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
صدر هدايت ڪئي ته عوام جي ڀلائي لاءِ سنڌ ۾ جاري منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، هن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.