اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون چيو آهي ته ٻه ڪروڙ سک پاڪستان سان گڏ آهن، ڀارتي فوج کي ڀارتي پنجاب مان گذري پاڪستان تي حملو ڪرڻ نه ڏينداسين.
پنهنجي بيان ۾ گرپتونت سنگهه چيو ته پاڪستان جو نالو ئي پاڪ آهي، ڀارت جي ايتري اهميت ناهي جو هو پنجاب پار ڪري پاڪستان تي حملو ڪري.
هن چيو ته اقليتن، خاص طور سکن تي ڀارتي ظلم سڀني جي سامهون آهي، نريندر مودي، امت شاهه، جي شنڪر ۽ اجيت دوول کي عالمي قانونن تحت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.
You might also like