ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڪينال منصوبي جي خاتمي جو فيصلو نه ٿيو ته حڪومت کان ڌار ٿي وينداسين.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ گفتگو ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته اسان کي مڪمل يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ٿيندڙ فيصلو حتمي آهي.
هن چيو ته ڪينالن جو معاملو گهڻو حساس آهي، ان معاملي تي سنڌ جا ماڻهو هڪ پيج تي آهن ۽ ايم ڪيو ايم به سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ان معاملي تي پ پ کي ڀرپور سپورٽ ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو اسان کي خبر آهي ته جيڪڏهن پ پ حڪومت کان ڌار ٿي ته حڪومت نه هلي سگهندي، تنهن ڪري اميد ته ڪينال معاملي تي حڪومت پنهنجو واعدو پورو ڪندي.
سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪينالن جو مسئلو حل نه ٿيو ته حڪومت کان ڌار ٿي وينداسين: ناصر شاهه
Prev Post
You might also like