لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن تي حملو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ شرپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عمارت جا شيشا ڀڃي ڇڏيا.
شرپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عمارت تي ڳاڙهو رنگ به اڇلايو، پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي اختيارين ميٽروپوليٽن پوليس کي ان حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو.
لنڊن پوليس پاڪستاني هاءِ ڪميشن تي حملي ۾ ملوث شرپسندن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته جمعي جي شام ڀارتي شرپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو هو ۽ نازيبا حرڪتون ڪرڻ تي ميٽروپوليٽن پوليس ٻن ڀارتي شهرين کي حراست ۾ به ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.