راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي دراندازي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 54 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ آيس پي آر موجب 25 ۽ 26 اپريل جي وچين رات ۽ وري 26 ۽ 27 اپريل جي رات اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ان وڏي گروهه جي چرپر کي نوٽ ڪيو، جيڪو پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي خارجين جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته انٽيليجنس رپورٽن موجب اهي خارجي پنهنجي پرڏيهي آقائن جي چوڻ تي پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي دهشتگرد ڪارروائين لاءِ دراندازي ڪري رهيا هئا.
آءِ ايس پي آر موجب جڏهن ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ خارجين جو اهي سرگرميون واضح ٿيون ڪن ته اهي ڪنهن جي اشاري تي ڪم ڪري رهيا آهن.
سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي، افغانستان مان پاڪستان گهڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ 54 خارجي ماريا ويا
Next Post
You might also like