هڪ ڌرڻو ختم ڪرائيندئو ته 10 ڌرڻا هڻنداسين، پرامن رهڻ ڏيو: عامر نواز وڙائچ

سکر (ويب ڊيسڪ) ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ وڪيلن تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت منافقت وارو رستو اختيار ڪيو آهي، ڪينالن وارو منصوبو ختم ٿيڻ تائين واپس نه وينداسين.
ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي عامر نواز وڙائچ چيو ته ملير، ڪشمور ۽ ٻين هنڌن تي ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ حملا ڪيا ويا، جتي هاڻ وڌيڪ طاقت سان ڌرڻا جاري آهن، هتي به ڪوشش ڪري ڏسن، ڪجهه به ڪن ڌرڻو ختم نه ٿيندو، هڪ ڌرڻو ختم ڪرايو ويندو ته 10 ڌرڻا هڻنداسين.
هن چيو ته گهرو وزير کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته تشدد نه ڪيو، پرامن آهيون ۽ پرامن رهڻ ڏيو، طاقت جو مظاهرو ڪري ڌرڻو ختم نٿو ڪرائي سگهجي، اسان ڊڄڻا ناهيون، بهادري سان ويٺا آهيون، انشاءَالله ڪاميابي ملندي.
سندس چوڻ هو ته وفاق کان تڪراري ڪينال رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.