عوام کي تحفظ ڏيڻ وارا ادارا ئي انهن کي حراسان ڪندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ظفر راجپوت پرڏيهي شهري کي رهائش ڏيڻ تي هوٽل مينيجر کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پوليس انسپيڪٽر کي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ الزام هو ته پوليس پاران پرڏيهي خاص ڪري چيني شهري کي هوٽل ۾ رهائش ڏيڻ تي هوٽل مالڪ کي ڌمڪايو ويو.

درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته هوٽل مالڪ کي چيو ويو ته جيڪڏهن چيني شهرين کي ڪمرا ڏنا ويا ته ڪاروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته پوليس پنهنجي موقف ۾ چيو ته هوٽل مينيجر کي هراسان ناهي ڪيو ويو.

جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس جا ڪرتوت اهڙا آهن جو انهن تي يقين ڪرڻ ڏکيو آهي، ايس ايڇ او ڪٿي آهي؟ هن ان الزام بابت ڇا چيو آهي؟

درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته ايس ايڇ او جو بيان رڪارڊ تي آهي، سندس چوڻ آهي ته هوٽل مينيجر کي ملاقات لاءِ گهرايو ويو هو.

عدالت نشاندهي ڪئي ته رڪارڊ تي رڳو سب انسپيڪٽر عبدالقَيوم جو بيان آهي، ٻئي ڪنهن جون صحيحون نه آهن.

وڪيل چيو ته اهو بيان عبدالقَيوم ايس ايڇ او طرفان لکيو آهي، ان کي ايس ايڇ او جو بيان سمجهيو وڃي، جنهن تي جسٽس ظفر راجپوت چيو ته ايس ايڇ او ڪڏهن کان ايترو وڏو آفيسر ٿي ويو جو سندس طرفان ٻيو ڪو بيان داخل ڪري؟

بيان کي ايس ايڇ او جو بيان ظاهر ڪرڻ وارن غلط بياني ڪئي آهي۔”

عدالت ۾ موجود پوليس اهلڪارن ۽ سرڪاري وڪيل معذرت ڪئي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته  عدالت ۾ ويهي به خبر پئجي وڃي ٿي ته ڪيئن هوٽلن ۾ ڪمرا بڪ ڪرايا وڃن ٿا ۽ کاڌا گهريا وڃن وڃن ٿا.

جسٽس ظفر راجپوت چيو  پوليس يا انٽيليجنس اهلڪار ڪنهن به هوٽل ۾ وڃي پاسپورٽ يا مهمانن جو رڪارڊ چيڪ ڪري سگهن ٿا، پر سفيد پوش مينيجرن کي ٿاڻن تي گهرايو وڃي ۽ لاڪ اپ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن، اهو ڪهڙو قانون آهي؟

ادارن جو ڪم ماڻهن جي حفاظت آهي، پر اهي ئي ماڻهو شهرين کي هراسان ڪن ٿا، ڪنهن جو ڪاروبار تباهه ٿي وڃي، عزت لهي وڃي، انهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي۔”

ياد رهي ته صدر واري علائقي جي هوٽل انتظاميا پاران پوليس خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ انسپيڪٽر آغا مشوق علي کي حلف نامي سان گڏ 14 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.