پهلگام فالس فليگ واقعي تي پهلگام پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر مودي حڪومت جو ڪوڙ پڌرو ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پهلگام فالس فليگ آپريشن جي ايف آءِ آر هن حملي کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي. پهلگام پوليس اسٽيشن، جتي واقعو پيش آيو ان هنڌ کان 6 ڪلوميٽر پري آهي. ايف آءِ آر موجب، پهلگام حملو 13:50 کان 14:20 تائين جاري رهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته رڳو ڏهن منٽن ۾ مطلب ته 14:30 تي، ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جيڪا اڳواٽ طئي ٿيل منصوبي جي نشاندهي ڪري ٿي. ايف آءِ آر ۾ اڳواٽ تيار منصوبي تحت "اڻڄاتل سرحد پار دهشتگردن” کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب مبينا دهشتگردن طرفان انڌادنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا ان کي "ٽارگيٽيڊ ڪلنگ” قرار ڏئي ڪوڙو راڳ الاپيندا رهيا. ايف آءِ آر ۾ "ٻاهرين آقائن ” جهڙا لفظ به اڳواٽ شامل ڪيا ويا.
ڀارتي حڪومت پهلگام حملي ۾ انٽيليجنس ناڪامي جو اعتراف به ڪري ورتو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر مودي حڪومت جو پهلگام فالس فليگ ڊرامو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪوڙ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ اهو سڄو ڊرامو مذاق بڻجي ويو آهي.
ياد رهي ته والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل حملي ۾ 26 سياح مارجي ويا هئا، جنهن کانپوءِ ڀارت پاڪستان خلاف سخت قدمن جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ واھگا-اٽاري سرحد بند ڪرڻ به شامل هو.
ان کانسواءِ ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي يڪ طرفو طور معطل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستانين جا ڀارتي ويزا به رد ڪيا ويا آهن ۽ ڀارت ۾ موجود پاڪستاني شهرين کي 48 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.