ڪراچي جي مصروف فلاءِ اوور هڪ مهيني لاءِ بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر جي مصروف فلاءِ اوور کي هڪ مهيني لاءِ بند ڪيو ويندو، ٽريفڪ پوليس ان حوالي سان شهرين کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪي پي ٽي فلاءِ اوور قيوم آباد مرمتي ڪم سبب هڪ مهيني لاءِ 26 اپريل کان 26 مئي تائين بند رهندي، ٽريفڪ کي ڪي پي ٽي پل هيٺان ڪورنگي روڊ ڏانهن موڙيو ويندو.
ڪراچي جي اها فلاءِ اوور ڪيترن ئي ڏينهن کان زبون حال هئي، جنهن سبب مسافر پريشاني کي منهن ڏئي رهيا هئا، هاڻ اختيارين ان جي مرمتي ڪم جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.