نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڏاند ۽ ڳئون گهر ۾ گهڙي اچڻ تي عورت پاڻ کي الماري ۾ بند ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو فريد آباد جي علائقي ڊبوا ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي ڏاند ۽ مينهن هڪ گهر ۾ گهڙي ڀاتين کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
سپنا نالي عورت گهر ۾ موجود هئي، جڏهن ته سندس سس ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويل هئي پر در کليل ڏسي ڏاند ۽ مينهن اندر داخل ٿيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سپنا جي ڪمري ۾ گهڙي ويا.
ڏاند سپنا جي بيڊ تي چڙهي ويو ۽ مينهن فرش تي بيٺي رهي، جنهن تي خوف ۾ ورتل سپنا پاڻ کي الماري ۾ بند ڪري ڇڏيو.
گهر مان رڙين جو آواز اچڻ تي پاڙيسري گڏ ٿي ويا ۽ انهن ٻنهي جانورن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر اهي نه نڪتا، جنهن کانپوءِ هڪ پاڙيسري پنهنجو پالتو ڪتو وٺي آيو ۽ جانورن تي ڇڏيو، ڪتي جي ڀونڪڻ تي ٻئي جانور گهر مان نڪتا.
جانورن کي ڪڍڻ ۾ پاڙيسرين کي ٻه ڪلاڪ لڳي ويا ۽ تيستائين سپنا الماري ۾ بند رهي.
Next Post
You might also like