وڪيلن جو ڪراچي، ڪشمور ۽ ڪمون شهيد ۾ به ڌرڻو هڻڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ديسڪ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن ڪينالن جي معاملي تي ڪراچي ۾ به ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سٽي ڪورٽ ۾ بار جي عهديدارن جي پريس ڪانفرنس دوران قائم مقام جنرل سيڪريٽري ڪراچي بار عمران عزيز چيو ته ڪراچي بار گذريل 6 مهينن کان هڪ تحريڪ هلائي رهي آهي.
هن چيو ته ڪراچي بار 4 مسئلا سامهون رکيا هئا، انهن مان ٻه مسئلا تمام گهڻا اهم آهن، انهن مطالبن ۾ 6 ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان خدشا واضح آهن، اسان جي پرامن ۽ آئيني مطالبي کي رد ڪيو ويو، 5 ڏينهن ٿي چڪا آهن، خيرپور ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته وڪيلن جي ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ٽن هنڌن تي ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو، هڪ ڌرڻو ڪمون شهيد، ٻيو ڪشمور ۽ ٽيون ڪراچي ۾ ملير ڪورٽ ٻاهران هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.