اهڙو معاشرو چاهيون ٿا، جتي سڀني شهرين کي برابر حق ملن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اهڙو معاشرو جوڙڻ چاهيون ٿا، جتي سڀني شهرين کي برابر جا حق ۽ موقعا ملن.
بلاول ڀٽو زرداري عيسائي برادري کي ايسٽر جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اقليتن جي آئيني حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ تي فخر آهي.
هن چيو ته پ پ سدائين اقليتن سان يڪجهتي ۽ انصاف جي اصولن کي اول رکيو، اقليتن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.