حيدآباد ۾ 6 ڪلاڪ ڌرڻو، هاڻ تيل، گئس ۽ ڪوئلي جو به حساب وٺنداسين

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي جي جوڙيل درياهه بچايو مشاورتي ڪائونسل پاران قاسم آباد جي علائقي پونم چوڪ کان واڌو واهه باءِ پاس گيٽس تائين پيادل احتجاجي مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن، عورتن، شاگردن ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي، مارچ واڌو واهه کان ٿيندو نيشنل هاءِ وي تي پهتو جتي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته 8 مهينا اڳ جڏهن پهرين گڏجاڻي ڪئي هئي ته سوچيم ڪئنالن جو مسئلو ماڻهن کي ڪيئن سمجهائينداسين؟ پر سنڌ جي شعور رکندڙ ماڻهن ۽ گهڻ گهرن ڳوٺن،  واهڻ وستين ۾ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين سنڌو درياهه جو ڪيس دنيا آڏو رکيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌ جو هر ٻچو ٻچو چئي رهيو آهي ته ڪئنال سمورا نامنظور،  ڌارين جي دلالن کانسواءِ سڄي سنڌ سجاڳ ٿي روڊن تي نڪري چڪي آهي،  توهان ايس آءِ ايف سي ٺاهي 73ع جي آئين،  18 هين ترميم ۽ فيڊريشن جي بنيادي تصور کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي سبجيڪٽ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ڇڏيا آهن، پر سنڌ جا ماڻهو پنهنجو پاڻي ۽ زمينون توهان کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، اسٽيبلشمينٽ جا عملدار ٽي وي تي اچي اسان کي وري تڙيون لڳائيندا پر ياد رکو ته هن صدي ۾ اهو ٿيڻ ممڪن ناهن، هن چيو ته اسان چئون پيا ته سنڌ حڪومت جيڪي به زمينون ڪمپنين کي ڏنيون آهن اهي واپس وٺي، جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته 8 جولاءِ تي صدر ڪئنالن جي اڏاوت جي اجازت ڏني، سنڌ جي تيل،  گئس،  ڪوئلي،  ٻيٽن ۽ زمينن جو سودو به 8 جولاءِ تي ٿيو هو، جي ڊي اي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي، اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ ويٺل ماڻهو آخر ڪيستائين سنڌ جي ماڻهن کي آزمائيندا،  سنڌ مزاحمتي جدوجهد جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. قوت ۽ عوامي طاقت سان حڪمرانن کي ٻڌائينداسين توهان جا منصوبا اسان کي قبول ناهن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته اسان کي ڪا به تڪڙ ناهي،  ڪنهن به تڪڙي نتيجي جي انتظار ۾ ناهيون، جلدي ۽ تڪڙ ته چور ۽ ٺڳ کي هوندي آهي،  جيتري دير اوترو ئي ڀاڳين لاءِ خير آهي،  ڀاڳيا چورن کي پڪڙيندا ۽ سزا ڏياريندا، اڃا ته پراڻا کاتا کلڻا آهن،  اکر وڏا ڪري پڙهبا،  هاڻ ڳالهه 6 ڪئنالن جي ناهي،  توهان اسان کي مڇرائي ميدان تي آڻي ڇڏيو آهي. توهان کي پنجند،  تونسان ۽ جهلم ڪئنالن سميت ڊيمن،  تيل،  گئس،  ڪوئلي ۽ معدني وسيلن جا حساب اڃا رهيل آهن، سنڌ کي موري،  ميهڙ،  دادو،  کيسانه موري،  ٽوڙهي ڦاٽڪ،  شاهه بندر ۽ 12 مئي جي شهيدن جو حساب ڪڏهن ناهي وسرڻو، هن چيو ته اسان کي پنهنجو احتجاج پرامن رکڻو آهي،  نعرا هڻي روڊن تي ويهي ڌرڻا هڻبا پر ڪنهن کي پٿر نه هڻبو،  ڪا لٺ نه لڳندي. اسان پرامن طريقي سان لکين ماڻهن جي طاقت سان هنن کي جهڪائينداسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو جلسي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪئنالن جو منصوبو آيو ته هي پي ٽي آءِ جا اتحادي هئا،  پر ان دور ۾ به سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هئي،  تڏهن هنن رڙيون ڇو نه ڪيون،  سنڌ جي ماڻهن کي ڇو نه ٻڌايو ته ڪئنال پيا نڪرن، هاڻ وري چون ٿا ته 25 اپريل تي ڏسنداسين،  هي وزيراعظم جي ڪرسي خاطر سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جو سودو ڪري چڪا آهن، مريم نواز،  راڻا ثناالله ۽ احسن اقبال جيڪا زبان استعمال پيا ڪن اها برداشت جهڙي ناهي، توهان کي عقل ناهي، يحي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي عقل هجي ها هو بنگالين سان چڙ ڏياريندڙ بولي ۾ نه ڳالهائين ها، توهان غلط فهمي جو شڪار آهيو، توهان کي انٽيليجينس جون غلط رپورٽون پيون ملن، جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان قريشي جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڪجهه دوست اڃا تائين پيپلزپارٽي مان چڱائي جي اميد رکيو ويٺا آهن، پر اسان جو تجربو آهي ته پ پ مان سنڌ جي لاءِ چڱائي اميد رکڻ بيوقوفي آهي، هن چيو ته سنڌو درياهه جي تحفظ واري هي تحريڪ هاڻ ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ٿيندي، سنڌي قوم 1945ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل جي گهر ڪرڻ طرف پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن اڃا رڳو روڊ بند ڪيو آهي ته رڙيون نڪري ويون آهن. ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن سنڌ جي ماڻهن تيل ۽ گئس بند ڪري ڇڏيو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته پ پ کپي کپي جا نعرا هڻي سنڌ جون زمينون،  درياهه ۽ وسيلا پنجاب حوالي ڪرڻ وارو ڪم پئي ڪري. هن چيو ته منرل ايڪٽ ذريعي توهان اسان جا وسيلا پنجاب کي ڏئي رهيا آهيو. پنجاب گئس،  تيل،  ڪوئلو ۽ پاڻي طاقت جي زور تي کڻي ٿو،  هنن جي چوري ۽ ڦرلٽ جو نالو "اسٽريٽجڪ” آهي. ڪئنال،  ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ منرل ايڪٽ اسٽريٽجڪ آهن. هن چيو ته سنڌ حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سمورين چالاڪين کان واقف آهي،  سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن ۽ درياهه جو تحفظ ڪندا. پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مسرور سيال چيو ته سنڌو درياهه جي هن تحريڪ سڄي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي،  سنڌ جو شعور درياهه جي لاءِ روڊن تي نڪري چڪو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي چور سان به گڏ آهي ته ڀاڳئي سان به هلڻ چاهي ٿي. جي ڊي اي اڳواڻ سردار عبدالرحيم چيو ته حيدرآباد ۾ ڪالهه هڪ جلسي ٿي هئي ۽ هنن جلسي ۾ رڳو ڪوڙ ڳالهايو. پيپلزپارٽي ڊرامي بازي نه ڪري ۽ 25 اپريل تي حڪومت ڇڏڻ جو اعلان ڪري. جسقم اڳواڻ ديدار شام چيو ته بنا ڪنهن سياسي ۽ مذهبي فرق جي سڄي سنڌ روڊن تي آهي. اڄ سڄي سنڌ ۾ جسقم جي سڏ تي شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال ٿيندي ۽ سڄي سنڌ مڪمل بند هوندي،  سنڌ واسين کي هڙتال کي ڪامياب ڪرائڻ گهرجي. عوامي جمهوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري لال شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن چور کي پڪڙي ورتو آهي،  اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو پنهنجا اڪائونٽ ڀرڻ جي لاءِ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙا منصوبا ٺاهي رهيا آهن، جي ڊي اي جي اڳواڻ حسنين مرزا چيو ته سنڌ جا حڪمران اقتدار جي حوس ۾ سنڌ جي جياپي تي ڌاڙو هڻائي رهيا آهن.  پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ مجيد سيال چيو ته جونيئر ذوالفقار سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهي،  سنڌ ڪڏهن به سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ نه ڏيندي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ سنڌ جي ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. جيڪڏهن وفاقي حڪومت کان توهان کي ڌار ٿيڻو هجي ها ته جلسي ۾ رڳو ڪوڙيون ڌمڪيون نه ڏيو ها. سنڌ پٽيشن فورم جي اڳواڻ نامياري وڪيل شهاب اوستو چيو ته سنڌ هاڻ حڪمرانن جي ٺڳي ۽ دوکي کي برداشت نه ڪندي،  سنڌ جا ماڻهو پنهنجي درياهه جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن،  سنڌ درياهه بچائڻ سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ کي به دفن ڪندي.عوامي ورڪرز پارٽي جي عرض رتڙ چيو ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي فلسطين بنائڻ چاهي ٿي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگار نوناري چيو ته سنڌ نه رڳو درياهه ۽ زمينون بچائيندي پر پنهنجا جبل ۽ معدني وسيلا بچائيندي. سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته حڪمرانن کي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تان هٿ کڻڻو پوندو. سنڌ توهان کي سنڌو درياهه جي پاڻي ۽ زمينن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي. جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ نصرالله چنا چيو ته پيپلزپارٽي ڪئنالن جي اڏاوت کان انڪار ڪري رهي هئي،  پر هاڻ چون ٿا ته ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جو نقصان نه پر پاڪستان جو نقصان هوندو. عورت اڳواڻ نظير قريشي چيو ته سنڌ مشرف کي ڊيم ٺاهڻ نه ڏنو ۽ هاڻ موجوده حڪمرانن کي ڪئنال ٺاهڻ به نه ڏيندي. سنڌ جي هر باشعور فرد کي سلام ڪيان ٿي جيڪي سنڌو درياهه جي تحفظ جي لاءِ روڊن تي آهن. سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو ته سنڌين هر دور ۾ مزاحمت ڪئي آهي،  سنڌ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪري چڪي آهي. پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ نازش فاطمه چيو ته سنڌو درياهه جي تحفظ واري هي تحريڪ ڪامياب ٿيندي،  ڪئنالن جو فيصلو هنن کي واپس وٺڻو پوندو. وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسرار چانگ چيو ته ڪاري ڪوٽ وارا سنڌو درياهه جي لاءِ روڊن تي ويٺل نظر اچي رهيا آهن،  ٻٻرلوء پاس تي وڪيل نٽهڻ اس ۾ تتل روڊ تي موجود آهن. هن سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته هو ٻٻرلوء پهچي وڪيلن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سنڌو درياهه جي تحفظ واري جدوجهد ۾ پنهنجو حصو وجهن. ڌرڻي کي صحافي نعمت کهڙي،  شاعر مهر ڊٻائي،  زوهيب شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.