ذهني صحت جا مسئلا هر ڪنهن لاءِ ٿي سگهن ٿا ۽ شوبز جي دنيا سان واڳيل شخصيتون به ان کان بچيل نه آهن.
گذريل ڪجهه سالن دوران بالي ووڊ جي ڪيئي مشهور فنڪار پنهنجي ذهني بيمارين، ڊپريشن، ۽ جذباتي صدمن جي انڪشاف ڪيا آهن.
اهي اهڙا اداڪار آهن جن کي اسڪرين تي ڏسي اهو خيال به نٿو اچي ته شايد هي ماڻهو به ڪڏهن ذهني دٻاءُ جو شڪار رهيا هوندا، پر سندن بيان ڪيل تجربا عام ماڻهن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجن ٿا.
دپيڪا پاڊڪون
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، اداڪارا دپيڪا پاڊڪون پنهنجي ڪيريئر جي اوج تي انڪشاف ڪيو ته هوءَ ڊپريشن ۾ مبتلا رهي آهي.
ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته” اها منهنجي لاءِ زندگي جي سڀ کان تڪليف ڏيندڙ شيءِ هئي، پر اڄ مان ٺيڪ آهيان ته محسوس ٿئي ٿو ته ان تجربي مون کي بهتر انسان بڻايو، مون گهڻو ڪجهه سکيو ۽ هاڻي مان ٻين جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهي آهيان.“
شاهه رخ خان
بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان به ڪيترن انٽرويوز ۾ پنهنجي ذهني پريشاني، والدين جي وڇوڙي ۽ ڊپريشن جي دورن بابت انڪشاف ڪري چڪو آهي.
شاهه رخ موجب، هن سئنما کي پنهنجن احساسن جي اظهار لاءِ ٿراپي طور استعمال ڪيو ۽ هر ڪردار ۾ پنهنجي اندروني تڪليف شامل ڪئي.
انوشڪا شرما
اداڪارا انوشڪا شرما پڻ اعتراف ڪيو ته هوءَ ذهني بيماريءَ جي علاج لاءِ ڊاڪٽر وٽ وئي ۽ مدد حاصل ڪئي. هڪ انٽرويوءَ اعتراف ڪيو هو ته ” ذهني بيماري به جسماني بيماري جيان هڪ حقيقت آهي.“
هوءَ اڄ به ان موضوع تي ڳالهائي ٿي ۽ پنهنجي پروڊڪشن هائوس ذريعي ڊپريشن بابت آگاهي مهم هلائڻ سميت فلمون تيار ڪري رهي آهي.
رتِڪ روشن
رتڪ روشن به سالن تائين ڊپريشن جو شڪار رهيو، بعد ۾ هن قبول ڪيو ته زندگي جي ڪيترن حصن کان هو لاتعلق رهيو، پر جسماني ورزش ۽ ٿراپي جي مدد سان هن پنهنجي زندگيءَ ۾ توازن آندو، هاڻي هو ٻين کي به ذهني صحت بابت کلي ڳالهائڻ لاءِ اتساهي ٿو.
ورن ڌون
فلم ” بدلاپور “جي شوٽنگ دوران ورن ڌون ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو هو، پر ان کي نظرانداز ڪيو. ان کانپوءِ هن تسليم ڪيو ته ڪم جي دٻاءَ سبب هو ذهني بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو هو ۽ ڊاڪٽرن کان صلاح مشورو ورتو هو.
منيشا ڪوئرالا
اووري ڪينسر مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ منيشا ڪوئرالا به ڊپريشن ۾ هلي وئي هئي،
هن انٽرويو دوران هن ٻڌايو ته سنجي ليلا ڀنسالي جي ويب سيريز ” هيرا منڊي“ جي شوٽنگ دوران به هوءَ ڊپريشن ۾ هئي.
منيشا موجب ” مون کي يقين نه پئي آيو ته مان هي فلم ڪري سگهنديس. پر ٿراپي، روحانيت، ۽ ٻين طريقن سان مان جذباتي طور پاڻ کي سنڀالي ورتو“
ڪنگنا رناوت
اداڪارا ڪنگنا رناوت به پنهنجي ذاتي لاڳاپن ۽ شهرت بعد ڊپريشن جو شڪار رهي، بعد ۾ هوءَ به ٿراپي ۽ يوگا جي ذريعي معمول واري زندگي ڏانهن موٽي آئي.
هني سنگھه
مشهور ريپر هني سنگهھ پنهنجي ميوزڪ ڪيريئر جي اوج تي اوچتو منظر تان غائب ٿي ويو،
نيٽ فلڪس طرفان سندس حياتي تي ٺاهيل دستاويزي فلم ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هو ” باءِ پولر ڊس آرڊر“ جو شڪار ٿي ويو هو.
سندس چوڻ هو ته ” ان بيماري ۾ دماغ ڪنٽرول ۾ ناهي رهندو، مان جاڳي جاڳي خواب ڏسندو هئس، نوڪرن کان به ڊپ ٿيندو هو، رت جا تلاءُ نظر ايندا هئا، جيئري جهنم ڏسي چڪو آهيان.