سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تڪراري ڪئنالن واري رٿا پيپلز پارٽي پاڻ رد ڪرائيندي، ڪنهن به منصوبي صورت ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نه هڻڻ ڏينداسين.
سيوهڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سيوهڻ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي.
هن چيو ته ڪئنال منصوبن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ پيپلز پارٽي جي موجودگيءَ ۾ سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي.
مراد علي شاهه چيو ته عمرڪوٽ جي عوام واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو اڄ به پيپلز پارٽي سان گڏ آهن، جڏهن ته ڪجهه ڌريون پروپيگينڊا ڪري رهيون آهن ته سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي تي ڪاوڙيل آهي.
وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف زرداري پارليامينٽ ۾ به واضح طور تي ڪينالن واري رٿا جي مخالفت ڪري چڪا آهن.
هن چيو ته پ پ چيئرمين واضح ڪري چڪو آهي ته ڪينالن واري معاملي تي هو عوام سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم سان نه.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته هو پاڻ وفاق جي آڏو ڪينالن خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي.
هن چيو ته عوام، سياسي اڳواڻن سميت وڪيل برادري به ان منصوبي جي مخالفت ۾ احتجاج ڪري رهي آهي، ۽ حڪومت انهن سڀني جي احتجاج جي حمايت ڪري ٿي.
وڏي وزير ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ ڪامياب عوامي جلسو ڪيو، جڏهن ته 25 اپريل تي سکر ۾ پڻ وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيندو.