سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير جي ايران جي سپريم ليڊر سان ملاقات

تهران (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان خميس ڏينهن تهران ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي سان ملاقات ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شهزادي خالد، شاهه سلمان جو خط پهچايو ۽ ملڪي قيادت طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
شهزادي خالد ايڪس تي لکيو ته ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي گفتگو ٿي.
واضح رهي ته سعودي عرب جو بچاءَ وارو وزير اعليٰ قيادت جي هدايت تي سرڪاري دوري تي تهران پهتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.