اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) آنڌاري، تيز برساتن ۽ ڳڙي بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد، راولپنڊي سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت موسمي صورتحال بابت وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
الرٽ موجب 18 ۽ 19 اپريل تي تيز برساتن ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي، پنجاب جي مختلف علائقن اٽڪ، چڪوال، گجرات، جهلم ۾ آنڌاري، برسات ۽ ڳڙو پئجي سگهي ٿو.
الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيصل آباد، حافظ آباد، جهنگ، خوشاب، ميانوالي، لاهور، نارووال، ساهيوال، سرگوڌا، شيخوپورا ۾ به سخت موسمي حالتون ٿي سگهن ٿيون، ان دوران عوام غير ضروري سفر کان پاسو ڪري.
You might also like