راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات لاءِ پهچندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب، صاحبزادا حامد رضا ۽ احمد خان سميت عمران خان جي ٽن ڀيڻن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
عمران خان جون ڀيڻون ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ، عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل وڃي رهيا هئا ته پوليس اڊيالا جيل ڀرسان ناڪي تي کين روڪي ورتو.
حراست ۾ وٺڻ کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻن جو پوليس سان بحث ٿيو، پوليس کين 7 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ ڏيکاريا، پوليس عمران خان جي ڀيڻن ۽ ڪزن قاسم خان جا گرفتاري وارنٽ ڏيکاريا، پوليس احمد خان، صاحبزادا حامد رضا جا وارنٽ به ڏيکاريا.
اڊيالا جيل وڃڻ جي اصرار ڪرڻ ۽ واپس وڃڻ کان انڪار تي پوليس عمر ايوب، صاحبزادا حامد رضا ۽ احمد خان سميت عمران خان جي ٽن ڀيڻن عليمه خان، نورين خانم ۽ عظميٰ خانم کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ کين قيدين جي وين ۾ وڌو ويو.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني سان اڄ گهر ڀاتين جي ملاقات جو ڏينهن نه هو، ان باوجود سندس ڀيڻون ملاقات لاءِ پهتيون.
You might also like