سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئنالن خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ريلي

ڄامشورو  (ن ع آ) سنڌي شاگرد تحريڪ جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينون وفاق ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ ۽ سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ يونورسٽي ۾ آرٽس فيڪلٽي کان  سينٽرل لائبريريءَ  تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. جلسي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ۾ ڪينال سمورا نامنظور ، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو نامنظور  جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا. ريلي جي اڳواڻي سنڌي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلھوڙو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي،مرڪزي پريس سيڪريٽري منظور سوڍر ،ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو، غلام علي زئور، نوروز ڪلمتي, جميل ملاح، دلدار ڏيٿو، مختيار گائينچو ۽ ٻين ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو ۽ سنڌ درياءَ مان ڪينال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻڻ ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ وارا منصوبا سنڌ دشمن ، وفاق دشمن آھن، چولستان جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪري سر سبز سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن کي غير آباد ڪرڻ جي اجازت سنڌ جو شاگرد ۽ عوام ڪنھن کي به ڪونه ڏيندو ، اڳواڻن چيو ته جيستائين  ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن ٺاھڻ جا سنڌ دشمن منصوبا ختم نٿا ڪيا وڃن تيستائين پرامن جمهوري جدوجهد جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.