پيپلزپارٽي پاران تونساپنجند لنڪ ڪئنال کولڻ جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ شازيه مري چيوآهي ته سنڌ 62 سيڪڙو پاڻي کوٽ جوشڪار آهي ته تونسا پنجند لنڪ ڪينال ڇو کوليو ويوآهي؟  شازيه مري چيو ته لنڪ ڪينالز کي مستقل بنيادن تي نه ٿو کولي سگجهي  صرف ٻوڏ دوران کولڻ جي گنجائش آهي. ٽي پي لنڪ کلڻ سان هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ ۽ نقصان جو ڪارڻ بڻجندو.1991 جي معاهدي تي عمل ڪيو وڃي ۽ ارسا پنهنجون ذميواريون معاهدي مطابق ادا ڪري. سنڌ جو ارسا اڳيان احتجاج درست آهي. اسان اڳ ئي سنڌو درياءَ تي  وڌيڪ ڪئنالن جا مخالف آهيون. پاڻي ڪوئي سياسي هٿيار نه پر  هڪ آئيني حق آهي.شازيه مري چيو ته  پ پ عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ ڪنهن به صوبي  جو جائز پاڻي چوري ٿيڻ نه ڏيندي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.