هنن سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ته اسين بندرگاهه بند ڪنداسين: ذوالفقار جونيئر

لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ چار اپريل جو جلسو ڪري تمام بهتر محسوس ٿيو، ڪجهه ٽيڪنيڪل مشڪلاتن جي ڪري رڪاوٽون هيون پر مون کي لڳي رهيو آهي ته 4 اپريل کان پوءِ نظر لڳي وئي آهي پر مون کي بهتر لڳو، هي منهنجي خاندان، منهنجو ۽ منهنجيننڍپڻ جو شهر آهي تنهن ڪري مون کي تمام بهتر محسوس ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ ڪابه شفافيت ناهي، اسان کي ڪو اندازو ناهي، ڪو سچ نه پيو ٻڌائي، خبر ناهي ته ڪافي سالن کان ڪجهه ماڻهو ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن پر جڏهن سيد زين شاهه ان ڳالهه کي سامهون آندو ته گذريل 8 مهينن کان احتجاج جو سلسلو نه پيو رڪجي ۽ گرميون به هلي رهيون آهن، مون کي نه پيو لڳي ته اسين ائين رڪجنداسين، هن چيو ته 26 اپريل تي اسان جو پنهنجو دادو مورو پل تي احتجاج رٿيل آهي، 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ اڄ 16 اپريل تي نصيرآباد ۾ به احتجاج آهي، روز ڪو نه ڪو احتجاج آهي تنهن ڪري اسان نه رڪنداسين ڇاڪاڻ اسان کي حڪومت کان واعدو گهرجي ته هي ڪئنال نه ٺهندا، جيئن اسان ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪئي جيڪو منصوبو رڪجي ويو ساڳي ئي نموني اسين 6 ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪنداسين، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ مان انشاءَ الله حصو وٺي شهيد ڀٽو جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي پاڻ سان ساڻس ڪري وٺي هلندس پر في الحال ڪا پڪ ناهي پر ارادو آهي، هن چيو ته وڪيلن پنجاب ويندڙ روڊ ۽ ريلوي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر جيڪڏهن اسان پنهنجي بندرگاهه کي بند ڪري ڇڏيون ته هي ڪئنال نه ٺهندا، جيڪڏهن هو اسان جي پاڻي کي روڪيندا ته اسان هنن جي بندرگاهه کي روڪينداسين، هن چيو ته مان ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺندس، پاڪستان ۾ سياست تمام پيچيده آهي پر مان پنهنجي وڏن ۽ وڪيلن خاص طور پنهنجي نوجوانن کان سکي رهيو آهيان جيڪي هن ملڪ جو رستو ڏيکاري رهيا آهن جيڪي ملڪ جي سياسي نظام کان تنگ اچي چڪا آهن، هنن 20 سالن کان اميرن جي سياست ڏٺي آهي ته ڪڏهن پ پ پ ۽ ڪڏهن مسلم ليگ ن، ڪڏهن هي ته ڪڏهن هو، پر ڪنهن اِهو نه ڏٺو ته ڪنهن انهن جي لاءِ ڪجهه ڪيو، تنهن ڪري هي معاملا پنهنجي هٿن ۾ سنڀالي ورتا آهن، هي اسان کي بس اِهو ڏيکاري رهيا آهن ته اسان جي حڪومت  ۾ ڪائي به شفافت ناهي، اسان کي خبر ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، حسن عباس ۽ نصير ميمڻ جا ان پٽ انتهائي قيمتي آهن پر ڪو به ان جي ڳالهه نه پيو ٻڌي ۽ نه ئي مڃي رهيو آهي ته ڪئنالن کان علاوه پاڻي ورهائڻ جا ٻيا به طريقيڪار آهي، هاڻي عوام پريشانيءَ ۾ مبتلا آهي ته جيڪڏهن ڪئنال ٺهندا به يا نه، پر عوام جي هاڻي مطالبو آهي ته پ پ پ پاڻ ايڪشن کڻي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪري گڏوگڏ ن ليگ ۽ ٻيون جماعتون توڙي مخالف ڌر ايڪشن کڻن ته هو به ڪئنالن جي خلاف آهن، ڇاڪاڻ مون سميت عام عام ماڻهو، شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ، ايس يو پي، جي ڊي اي يا پي ٽي آءِ سڀ ڪئنالن جي خلاف آهن. هن چيو ته توهان کي حقيقت ٻڌايان ته اسان جي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اسان جو صوبو ڪيترو تباهه ٿي چڪو آهي، ماڻهو ۽ وڪيل اڄڪلهه مزاحمت سان آواز اٿاري رهيا آهن سوچيو جيڪا دل ۾ هجي اها ڳالهه اڄ ڪندس، منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهر جي بار کي خطاب ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هي 6 ڪئنال اسان جا دشمن آهن ۽ هنن 6 ڪئنالن سان اسان جو درياهه سڪي ويندو، اسان درياهه سان مري وينداسين پر هنن کي اهي 6 ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين، وڪيل هن نظام کي ڏيکاري رهيا آهن ته وڪيلن جي ڇا طاقت آهي، وڪيل اتحاد زنده باد، درياهه سنڌ جي حفاظت ۽ تقدس ۽ سمنڊ سان ميلاپ جو حق اسان سڀني جو بنيادي مقصد هئڻ گهرجي، مان وڪيلن کي سندن جدوجهد تي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ ساٿ ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيان ٿو ته هو فتح تائين جدوجهد ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.