سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ باوجود پنجاب تونساپنجند ڪئنال کولي ڇڏيو !

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ) سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين 50 سيڪڙو کوٽ ۽ سنڌ جي شديد اعتراضن باوجود پنجاب ارسا جي ملي ڀڳت سان تڪراري تونسا پنجند لنڪ فلڊ ڪئنال کولي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار ارسا کي خط 2025/535 DR:1-6  لکي سخت احتجاج ڪيو آهي، دستاويزي ثُبوتن موجب سنڌ ۾ اپريل جي ٻي ڏهي ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچڻ باوجود پنجاب تڪراري ۽ فلڊ لنڪ ٽي پي ڪئنال کي کولي ڇڏيو آهي، پنجاب ارسا جي ملي ڀڳت سان چشما بئراج کان ٽي پي ڪئنال لاءِ 4000 چار هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو آهي جيڪو پاڻي تونسا بئراج وٽ پهچڻ شرط پنجاب تونسا پنجند لنڪ ڪئنال جيڪو فلڊ ڪئنال آهي ۽ ٻوڏ جي وقت ۾ وهائڻو هوندو آهي، ان کي کولي 2981 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، آبپاشي ذريعن موجب جيئن تونسا بئراج تي پاڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ته پنجاب ٽي پي ڪئنال ۾ پاڻي وڌائي رهيو آهي، ذريعن موجب ڪالهه شام ڇهين وڳي تائين ٽي پي ڪئنال جا وهڪرا 3500 ڪيوسڪ کان ڪراس ٿي ويا هئا، ارسا ۽ پنجاب جي گڏيل ڳٺ جوڙ خلاف سنڌ سخت احتجاج ڪندي ارسا کي خط لکي فوري طور تي ٽي پي لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سنڌ پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اپريل جي پهرين ڏهي ۾ 62 سيڪڙو کان به وڌيڪ پاڻي جي کوٽ ڀوڳي چڪو آهي جڏهن ته پنجاب پاڻي کوٽ ۾ ڀائيواري کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ تمام گهٽ کوٽ برداشت ڪئي، ٻي طرف جيترو پاڻي سنڌو درياھ ۾ تربيلا وٽ اچي پيو ان کان وڌيڪ پاڻي جهلم درياھه ۾ منگلا وٽ اچي پيو پر پنجاب جهلم درياھ جو پاڻي گڏ ڪرڻ سان گڏ سڀ پاڻ استعمال ڪري رهيو آهي چناب جو پاڻي به سمورو پنجاب پيو استعمال ڪري ۽ پنجند کان سنڌ لاءِ پاڻي جي سپلائي بند ڪئي ويئي آهي، سنڌ سرڪار خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهيان صورتحال ۾ ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ انصاف ڀريو عمل ناهي، هڪ ته پنجاب پنجند کان پاڻي مڪمل بند ڪريو ويٺو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ اڳي ئي پاڻي جي وڏي کوٽ آهي ان ڪري سنڌ کي پورو پاڻي ڏنو وڃي، ٻي طرف سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ بدترين صورت اختيار ڪري ويئي آهي فصلن جي پوکائي، وونئڻن جي پوکائي کان ويندي، آڳاٽي خريف جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي مٿان اپريل جو ٽيون ٽين ڊيليز پيو اچي ان ۾ سنڌ جو حصو اڃا به وڌيڪ ٿي ويندو پر جيڪڏهن هن وقت سان ئي سنڌ لاءِ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته اپريل جي آخري ۽ مئي جي پهرين ٽين ڊيليز تائين سنڌ ۾ پاڻي جي ڀيانڪ صورتحال پيدا ٿي ويندي، هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 50 سيڪڙو آهي جيڪا وڌڻ جا امڪان آهن، سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 48 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ وڌي 36 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي، هوڏانهن ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽي پي کولڻ لاءِ پنجاب کي ارسا اجازت ڏني آهي جنهن تي سنڌ سرڪار اعتراض ڪيو آهي ۽ ارسا جي نمائندي جي حيثيت ۾ مون به اعتراض ڪيو آهي، اسان جي اعتراض جو بنياد اهو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي ان صورت ۾ سنڌو درياھ مان ڪيئن ٿو پاڻي کڻي سگهجي، احسان لغاري چيو ته ڪابل ۽ سنڌو درياھ جا وهڪرا وڌڻ جي اميد هئي پر اتي پاڻي نه وڌيو آهي پر جهلم درياھ ۾ اميد کان 20 سيڪڙو اضافي پاڻي آيو آهي ان بنياد تي سنڌ جو ۽ ارسا ميمبر جو سخت اعتراض آهي ته سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي پورو نٿو ٿئي تيستائين پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال کولي ئي نٿي سگهي، هوڏانهن سنڌ سرڪار توڙي ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي ارسا کي چيو آهي ته منگلا ۾ جيڪو اضافي پاڻي اچي پيو ان مان پنجند کان سنڌ لاءِ پاڻي کوليو وڃي، ٻي پاسي سنڌ حڪومت تونسا ڪئنال جي بار بار کولڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ ان کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو ٽي پي لنڪ ڪئنال جي کولڻ خلاف احتجاج طور ارسا کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اپريل جي پهرين ڏهاڪي ۾ 62 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پنجاب جي ڪئنالن ۾ 54 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، ٽي پي لنڪ ڪئنال جي کولڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي ويندي، سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي. ٽي پي لنڪ کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. هن وقت ٽي پي لنڪ ڪئنال جو افتتاح سنڌ جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. ڄام خان شورو چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ جيڪو خشڪ سالي جو اعلان ڪيو ويو آهي، ۽ خشڪ سالي دوران ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ سنڌ سان ناانصافي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.