عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر) عمرڪوٽ ۾ گڏيل جماعتن پاران جلسو ڪيو ويو. عمرڪوٽ جي جناح پارڪ ڀرسان هڪ وڏو جلسو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ پيپلزپارٽي کانسواءِ سمورين جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ جلسي ۾ هزارين ماڻهن شريڪ ٿيا. جلسي کي صدرالدين راشدي خطاب ڪندي چيو ته سورهيه بادشاهه ان وقت نعرو هنيو هو وطن يا ڪفن پر اڄ به سنڌ کي ان نعري جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي نه هوندو ته سنڌ تباھ ٿي ويندي ۽ سنڌ ۾ جيڪڏهن پاڻي نه ٿو پهچي ته صرف هيٺاهين وارا علائقا نه پر سموري سنڌ تباھ ٿي ويندي تنهنڪري اهو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. جهڙا اوهان غلط فيصلا ڪيو پيو اهڙا ٻين ملڪن ۾ جتي به ٿيا آهن اتي وڏيون تبديليون آيون آهن ائين نه ٿئي جو سنڌ جي عوام کي متان ڪو اهڙو فيصلو ڪرڻو پوي. ٻيو نه ته ملڪ جي اسيمبلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪئنالن جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪرايو. سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري 2 ڀيرا ملڪ جو صدر رهي چڪو آهي پر اڃان تائين ڪئنالن جي خلاف ڪو به ٺهراءُ پاس نه ڪرائي سگهيو آهي. مخدوم زين حسين شاهه قريشي ملتان کان وڊيو لنڪ تي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ جي حڪمرانن سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي عمرڪوٽ جي مسڪين ماڻهن جي لکين ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ڇڏي آهي. هن وقت سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي ته پيپلزپارٽي خاموش ڇو آهي هن وقت سنڌ حڪومت هارين سان ظلم ڪري رهي آهي ۽ ڪڻڪ جو اگهه ٻاويهه سئو روپيا هلي پيو. اڳوڻي وڏي وزير سنڌ ارباب غلام رحيم جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته لال مالهي خوش قسمت اميدوار آهي جو سنڌ جو سموريون جماعتون سهڪار ڪري رهيون آهن. مون کي پرويز مشرف چيو ته آصف زرداري ته ڪالاباغ ڊيم جي سودي تي راضي آهي ۽ توهان اسان جو وزير اعليٰ هئڻ باوجود مخالف ٿا ڪيو. ڊاڪٽر صفدر عباسي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي جلسي ۾ گڏ ٿيل عوام فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي لال مالهي باقاعده کٽي چڪو آهي. پيپلزپارٽي وارا ماروي گرائونڊ ڇڏي ڀڄي ويا آهن.زرداري سموري سنڌ کي کپائي چڪو آهي آخر ۾ ٿورا گهڻو پاڻي بچيو هو اهو به کپائي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيرسائين پاڳاري جو خاندان جيڪڏهن منهنجي عزت ڪندو ته انشاﷲ نڀائيندس ۽ اسان پنهنجي سنڌو درياهه کي بچائڻ خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اين اي 213 گڏيل جماعتن جي گڏيل اميدوار لال مالهي جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمرڪوٽ تنهنجو آئون شڪريو ادا ڪريان ٿو. مون کي سواءِ پيپلزپارٽي کان سموري سنڌ جي جماعتن جي مون کي حمايت حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي پاڻي جو مسئلو ايترو هلڪو مسئلو ناهي هي سنڌ جي ڇهه ڪروڙ عوام جي وجود جو مسئلو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو استاد يا ڪو شاگرد ڪئنالن جي خلاف احتجاج ڪن ٿا ته انهن جي خلاف ليٽر جاري ٿا ڪن ۽ يوسف رضا گيلاني پاڻ چئي چڪو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪئنالن جي خلاف نه آهي پوءِ هي سنڌ جي عوام کي بيوقوف ٺاهي پاڻ ڪوڙا احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ نعرا پيا هڻن ته ڪئنال نه کپن. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي چوي ٿي ته سنڌ جي هندن کي اسان حق ڏنا آهن ته آئون چوان ٿو ته پريا ڪماري هڪ معصوم ٻارڙي گم ٿي ويئي پر ان کي بازياب ڪرائڻ لاءِ پيپلزپارٽي جو ڪو اڳواڻ ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. مظفر حسين شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ٿا ته سنڌ دشمن ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪيو وڃي. حليم عادل شيخ ڳالهائيندي چيو ته هي جلسو اليڪشن جو جلسو نه آهي هي ڪاميابي جو جلسو آهي پيپلزپارٽي وارا پاڻي جا چور آهن ۽ سنڌو درياهه مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏني ته توهان جي صورت ۾ سنڌ جاڳي پئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي پيپلزپارٽي وارن کي چئلينج ڪريان ٿو هاڻي نتيجا تبديل نه ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته عمران ملڪ جي عوام جي حقن لاءِ جيل ۾ ويٺو آهي ته ڇا اسان ان جي لاءِ 17 تاريخ تي ووٽ به نٿا ڏيئي سگهون. جلسي کي ارباب ابراهيم، .لجپت سوراڻي، وڪيل ڪي بي لغاري، دوست محمد ميمڻ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ امير آزاد پنهور، شاعر حاجي ساند ايڊوڪيٽ، ڀڳوان داس ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪيو.