سيد اويس قادر شاهه پاران انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد

ڪراچي (پ ر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته پارٽي ڪارڪنن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي، هو مظلوم طبقي جي حقن جو ترجمان آهي.
سيد اويس قادر شاهه نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل همايون خان، سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل (چن) ۽ فنانس سيڪريٽري آمنه پراچا کي به مبارڪباد ڏني.
هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ جمهوريت ۽ عوامي خدمت جو سفر جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.