ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي موسمياتي ايپس هلندڙ سال چوماسي دوران پاڪستان ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير موجب، اپريل کان جون تائين ملڪ جو گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران برساتون عام سطح تي متوقع آهن.
هن ٻڌايو ته اپريل کان جون تائين ٿيندڙ برساتن جو ملڪ جي پاڻي جي ذخيرن ۾ حصو 19 سيڪڙو آهي.
ترجمان موجب، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ اپريل کان جون تائين معمول کان گهٽ برسات جو امڪان آهي.
ترجمان چيو ته هلندڙ سال اونهاري دوران ملڪ ۾ برسات 61 سيڪڙو ۽ برفباري 50 سيڪڙو گهٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته سڄي ملڪ جي ڊيمن ۾ پاڻي اڳ ئي ڊيڊ ليول کان هيٺ آهي، جڏهن ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ معتدل سوڪهڙي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي صورتحال بابت ترجمان چيو ته شهر ۾ ڪچي زمين جو وجود ئي ناهي، جنهن سبب برساتن جو پاڻي زمين هيٺ وڃڻ بدران سڌو سمنڊ ڏانهن هليو وڃي ٿو، ان لاءِ واٽر هارويسٽنگ سسٽم جو هجڻ ضروري آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ جتي به اڃا ڪچا آهن، اتي کوهه کوٽڻ گهرجن ته جيئن زميني پاڻي جي سطح ۾ واڌارو آڻي سگهجي.
ترجمان موجب، چوماسي دوران برساتن بابت وڌيڪ درست اڳڪٿي مئي جي آخر يا جون جي شروعات تائين ڪري سگهبي.