لاڙڪاڻو (پ ر) هينڊز پاڪستان جي تعاون سان لاڙڪاڻي ويجهو گورنمينٽ هاءِ اسڪول محراب سنديلو ۾ سالياني امتحانن جي نتيجن جي پڌرائي جي تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر عبداللطيف بڙدي، اسڪول ڪوآرڊينيٽر خوش محمد جتوئي، اڪيڊمڪ ڪوآرڊينيٽر عرفان الله ڪانڌڙو ۽ استادن پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اعزازي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.
ان موقعي تي شاگردن ٿوڙي شاگردياڻين طرفان ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ تقريرون پڻ ڪيون ويون.
عرفان الله ڪانڌڙو خطاب ڪندي چيو ته ترقي جو راز تعليم ۾ ئي سمايل آهي.
هينڊز پاڪستان جي سهڪار سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول محراب سنديلو ۾ سالياني امتحانن جا نتيجا جاري ڪرڻ جي تقريب
Next Post
You might also like