لاڙڪاڻو: پاڪ سماجي تنظيم پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ڪانفرنس

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ پاڪ سماجي تنظيم سنڌ پاران سر شاهنواز لائبريري ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ڪانفرنس ٿي گذري.
ڪانفرنس جي صدارت پاڪ سماجي تنظيم سنڌ جي مزڪزي چيئرمين حافظ گل حسن جتوئي ڪئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي حافظ گل حسن جتوئي چيو ته اسان هر محاز تي فلسطين جي مظلوم عوام سان گڏ آهيون ۽ سمورن اسرائيلي پراڊڪٽس جو بائيڪاٽ ڪيون ٿا.
هن چيو ته هن وقت سڀني مسلمانن تي جهاد فرض ٿي چڪو آهي، حڪومت جڏهن اعلان ڪندي ته پهرين صف ۾ پاڪ سماجي تنظيم جا جوان هوندا.
ڪانفرنس ۾ ذوالقرنين سيال، حزب الله انڙ، امداد شيخ، احمد بخش ڪورائي، ذوالفقار علي ميرالي، دامن علي عمراڻي، حاجي لياقت علي چانڊيو، مختار علي ميراڻي، نديم اڪبر سيال امتياز حسين شيخ، عبدالغني مغل، بشير احمد ڀٽو، آغا خان ڀٽو، عبدالغفار مغيري، خاڪسار انوار علي ابڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
آخر ۾ شرڪت ڪندڙن اهو به وچن ڪيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.