ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لڳاتار لاٿ سبب پاڪستان ۾ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، برينٽ ڪچو تيل 64.71 ڊالر في بيرل جي سطح تي اچي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 8 کان 10 رپيا في ليٽر تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل تي 70 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون گهٽجڻ سبب جي ايس ٽي جي شرح وڌائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته حڪومت 31 مارچ تي به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ بدران اها گهٽتائي بجلي جي اگهن ۾ ايڊجسٽ ڪئي هئي.
You might also like