ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سميت تامل ۽ ٻين مقامي ٻولين جي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ شانتي پريا ٺوڙهه ڪرائي ڇڏي، سندس نئين لُڪ مداحن کي به حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
شانتي پريا 1999ع ۾ اداڪار اڪشي ڪمار جي فلم ”سوگونڌ“ ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو هو ۽ ان کانپوءِ مختلف فلمن ۾ الڳ الڳ ڪردارن ۾ نظر آئي.
هاڻي اداڪارا پنهنجي سرڳواسي مڙس جو ڪوٽ پهري، فوٽو شوٽ ڪرايو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.
تصويرن سان گڏ پوسٽ ۾ شانتي پريا لکيو ته، ”ويجهڙائي ۾ ٺوڙهه ڪرائي آهي ۽ اِهو تجربو منهنجي لاءِ ڏاڍو مثبت رهيو، عورت هئڻ سبب پاڻ کي پڃري ۾ قيد رکندا آهيون، پر هن تبديلي ذريعي مون پاڻ کي آزاد محسوس ڪيو آهي.“
هن چيو ته ”هوءَ باغي نه پر پنهنجي آزاديءَ جو جشن ملهائي رهي آهي ۽ عورتن لاءِ سماج جي طئي ڪيل هار سينگار وارن اصولن کي ٽوڙڻ چاهي ٿي.“
اداڪارا جي پوسٽ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ملاوٽيل ردعمل سامهون آيا آهن، جتي ڪجهه سندس جرئت کي ساراهي رهيا آهن ته ڪي تنقيد به ڪري رهيا آهن.
Next Post
You might also like