سون اگهه کي بريڪ نه لڳي، سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون اڄ 1800 رپيا مهانگو ٿيڻ سان 3 لک 40 هزار 6 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون جي قيمت ۾ به 1543 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئون اگهه 2 لک 92 هزار 9 رپيا آهي.
ايسوسيئيشن جي مطابق، عالمي مارڪيٽ ۾ به سون قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جتي في اونس سون 18 ڊالر واڌ کانپوءِ 3 هزار 236 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.