اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ميٽا ڪمپني جي مقبول ڪالنگ ۽ پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ جي سروس پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڊائون ٿيڻ سبب واهپيدارپيغام موڪلڻ ۽ اسٽيٽس اپلوڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪيترن ئي ملڪن مان واٽس ايپ واهپيدارن شڪايتون ڪيون آهن ته نه رڳو پيغام موڪلڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، پر گروپ ميسيجز، تصويرون ۽ وڊيوز به ٻين واهپيدارن تائين ناهن پڄي رهيا .
پاڪستاني واهپيدارن به ساڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جتي واٽس ايپ تي موڪليل پيغام دير سان پهچي رهيا رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن کي اسٽيٽس اپلوڊ پوسٽ ڪرڻ ۾ مسئلو پيش اچي رهيو آهي.
ميٽا يا واٽس ايپ انتظاميا طرفان ان معاملي بابت اڃا تائين ڪو باظابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
ان کانسواءِ ڪجهه واهپيدار فيسبڪ ۽ انسٽاگرام استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
ٽيڪنيڪي ماهرن موجب، هي مسئلو ڪنهن وڏي سرور فني خرابيجو نتيجو ٿي سگهي ٿو.
Next Post
You might also like