اسٽيبلشمينٽ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کان اڳ سنڌ جي پاڻي جو حساب ڏئي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي دانشورن، سياسي اڳواڻن ۽ ڊاڪٽرن، سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن منصوبن کي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ نوان ڪئنال ته ٺهڻ نه ڏيندي، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب کي هاڻ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جو پويون حساب به ڏيڻو پوندو، حڪمران ڌريون خوش فهمي جو شڪار نه ٿين، سنڌ جا ماڻهو هنن جي ٺڳي واري پارليامينٽ، اڻبرابري تي ٻڌل گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ عدالتن جي چڪر ۾ نه ايندا، سنڌ توهان جون ضمانتون قبول نه ڪندي، توهان سدائين دوکيبازي ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه سيو سنڌو ڊاڪٽرس فورم پاران سنڌو درياهه تي ڪينالن جي غير قانوني اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ ڊاڪٽرس ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽرن، وڪيلن، قومپرست ڪارڪنن، شاگردن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽرن به وطن جي باشعور فردن جيان سنڌ جي عوامي ۽ قومي جدوجهد ۾ حصو وڌو آهي. هن چيو ته اڄ اهي ماڻهو غلط ثابت ٿيا آهن جيڪي چوندا هئا ته ڇا ٿيو يا ڪجهه ڪون ٿيندو، سنڌ جي ماڻهن جو هي تحريڪ هڪ ڏينهن يا ٿوري عرصي جي ڳالهه ناهي، هن جي پٺيان وڏي تاريخ، جدوجهد ۽ نظريو آهي، سنڌ جيئن اڄ بيٺي آهي اها ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي خوابن جي تعبير آهي، هي ان پنڌ جو تسلسل آهي جيڪو پنڌ سنڌ جي سياسي تاريخ جي وڏن ڪردارن ڪيو هو. هن چيو ته حڪمران طبقن جو ڪم ئي قومن جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ آهي. پر هن وقت سنڌ جي ماڻهن حڪمران طبقن کان اختيار کسي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي. 1983ع کانپوءِ ڪالاباغ ڊيم سميت انيڪ سنڌ جون وڏيون سياسي تحريڪو رهيون آهن، پر سنڌو درياهه ۽ پنهنجون زمينون بچائڻ جي لاءِ هلندڙ هن تحريڪ ۾ جيئن سنڌ جا ماڻهو نڪتا آهن ان جو ويجهي ماضيءَ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. 6 ڪروڙ ماڻهن جي صوبي ۾ جڳاڙي اليڪشن جي ذريعي صرف 40 لک ووٽن تي ٺهندڙ حڪومت کي ڪو به اختيار ناهي، سنڌ اٿي بيٺي آهي، هاڻ ڪنهن کي اها طاقت ناهي ته هو پنهنجن منصوبن کي اڳتي هلائي سگهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ فلڊ ڪينال جي نالي ۾ چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا ٺاهيا ويا جيڪي سڄو سال اڄ ڏينهن تائين وهندا اچن ٿا. اهڙي طريقي سان توهان غير قانوني طور تي سنڌو درياهه جو پاڻي روڪڻ وارا ٻيا به ڪيترائي منصوبا جوڙي سنڌو درياهه ۽ ڊيلٽا کي تباهه ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ٺڳي جي بنياد تي هلندڙ رياست ۽ حڪومت جي ڪا به ضمانت نه کپي، توهان ڪينال ڪڍي انهن کي اسٽريٽجڪ ڪينالن جو نالو ڏئي واضح ڪري رهيا آهيو ته انهن ڪينالن تي رڳو اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن، ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين ۽ سرمائيدارن جون زمينون آباد ڪندا. هن چيو ته سنڌ ۾ هلندڙ هي تحريڪ ڪينال رد ٿيڻ کانپوءِ به جاري رهڻ گهرجي، هي جنگ تمام وڏي جنگ آهي. اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ گهري ٿي. . هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو سنڌ کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ جو منصوبو آهي. هن وقت تائين انهن منصوبن تحت سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين الاٽ ٿي چڪي آهي ۽ اڃا وڌيڪ زمين انهن کي ڏني ويندي. هن چيو ته قومن خلاف هنن جو ٽڪساٽ اُگهاڙو ٿي چڪو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اهو سوچڻو آهي ته هي جنگ اسان کي هر هال ۾ کٽڻي آهي، هن جنگ ۾ شڪست جو خيال ئي ذهن ۾ ناهي رکڻو. هن چيو ته اڃا ته سنڌ مڪمل روڊن تي آئي ئي ناهي، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جا سهولتڪار پريشان ٿي ويا آهن، سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو جڏهن اٿندا ته هي هڪ ڏينهن به ڪون بيهي سگهندا. هو ته هڪڙي ڇوڪري ماهه رنگ بلوچ کان به ڊڄن ٿا. پاڻيءَ جي معاملن تي تحقيق ڪندڙ نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ ٿيل پنجاب جي ناانصافي جي تاريخ پڙهجي ٿي ته رت ٽهڪي ٿو اچي. درياهه جي تباهي ۽ بربادي انگن ۽ اکرن ۾ ٻڌائڻ کان چڙهي وئي آهي. هن چيو ته ان ملڪ ۾ انصاف ڪنهن کان گهرجي، جنهن ملڪ جي وڏي عدالت جو اڳوڻو  چيف جج پاڻ ڊيمن جي لاءِ فنڊ جمع ڪندو وتندو هو. هن چيو ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي پاڻي وارو معاملو ڪنهن به فورم جي ووٽنگ جو محتاج ناهي، هن چيو ته 1885ع ۾ پنجاب ۾ 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي ۽ هاڻ هڪ ڪروڙ 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي پئي ۽ اها سڀ زمين سنڌ جي پاڻي تي آباد ٿي رهي آهي. هي ڪوڙ ٿا هڻن ته اسان سنڌ جو پاڻي ئي نٿا کڻون، پر اسان چئون ٿا ته توهان سنڌو درياهه مان پاڻي چوري ڪندا رهيا آهيو. هن چيو ته پنجاب جو ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو 100 سال اڳ جو آهي، هاڻ وري ان کي نئين شڪل ۾ آندو اٿن. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته ون يونٽ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ جي زمين تي ڌاڙي جا انگ اکر ڏسنداسين ته ڇرڪ نڪري ويندو. سنڌ جون زمينون انعامن ۾ ورهايون ويون، سنڌ دشمن منصوبن جي لاءِ ڏنيون ويون ۽ هاڻ وري ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان منصوبي جي نالي ۾ نيلام ٿيڻ وڃن پيون. هن چيو ته گرين پاڪستان منصوبو ون يونٽ جي نئين شڪل آهي، تاريخ شاھد آھي ته هتي جمهوريت جا علمبردار ايوب جي ڪابينا ۾ ويٺل نظر آيا، اهي فاطمه جناح خلاف مهم ۾ به آمر سان گڏ بيٺل هئا. هن چيو ته جمهوريت جا ٺيڪيدار ۽ دعويدار اها ڳالهه به ياد رکن ته 71ع جي چونڊن ۾ 186 سيٽون کٽيندڙ پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي ۽ صرف 86 سيٽون کڻندڙ پارٽي جي حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ رستو صاف ڪيو ويو. هن تحريڪ ۽ اڄ هن حال ۾ ويٺل ماڻهن جي جذبن کي ڏسي خوشي ۾ اکين مان لڙڪ لڙي آيا ۽ مون سوچيو ته جنهن زمين تي پوک پوکڻ جي لاءِ سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪا کيڙي ڪئي هئي اهو فصل هاڻ مڪمل پچي تيار ٿي چڪو آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر بخشل ٿلهو چيو ته اڄ وڪيل، ڊاڪٽر، شاگرد ۽ سياسي ڪارڪن سنڌو درياهه جي لاءِ ميدان تي آهن. سنڌو درياهه کي خطرا گهڻا آهن، اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاق کي هاڻ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جو پويون حساب به ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي درياهه سان گڏ پنهنجي زمين به بچائڻي پوندي، ڪارپوريٽ فارمنگ اسان جون زمينون کسڻ جو منصوبو آهي. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ وفاق کي نٿي مڃي، پر بدقسمتي سان وفاق اسان جي مٿي جو سور بڻيل آهي، هو رڳو هٿيار جي ٻولي ٿا ڳالهائين، هو قومن جي جاگرافي جا سودا گر بڻجي قومن کي ظلم ۽ جبر جي بنياد تي دٻائي رکڻ ڄاڻن ٿا. ايس آءِ ايف سي قومن کي ڦرڻ جو نئون منصوبو آهي، ان ۾ پيپلزپارٽي سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ عام وڏيري ۽ سردار بجاءِ پيپلزپارٽي سان ڊيل ڪرڻ کي آسان سمجهي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان سنڌ جي ماڻهن جي ساهه جي رڳ بند ڪندا ته سنڌ جا ماڻهو پنجاب جي ساهه جي رڳ بند ڪري ڇڏيندا. نامياري صحافي ۽ ليکڪه وينگس چيو ته اسان کي ڪجهه ڏينهن کان فيدريشن جو لالي پاپ ڏنو پيو وڃي، اسٽيبلشمينٽ جو لالي پاپ غلام قومن کي ڪنهن به صورت ۾  قبول ناهي هوندو، هن چيو ته اڄ به قومن وچ ۾ نئين سماجي معاهدي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، پر وفاق سدائين قومن جي پٺيءَ ۾ خنجر هنيا آهن، وفاق تي ڪير اعتبار ڪندو. هن چيو ته سنڌ کي بلوچستان واري صورتحال تائين وڃڻ نه ڏيو، جيڪڏهن سنڌ ان رستي تي هلي پئي ته توهان کي به ڪو رستو نه ملندو. علي رند چيو ته سنڌين کي هن رياست ۾ ڌر ٿيڻ واري حيثيت بحال ڪرائڻي آهي ڇو ته سنڌين سان پيپلزپارٽي جي شڪل ۾ وڏو فراڊ ۽ ظلم ٿيل آهي.صحافي زوهيب پيرزادو چيو ته سنڌ جي ڊيلٽا جي تاريخ کي ڏسجي ته اها ڪيتري نه شاندار رهي آهي، ڊيلٽا جي ڪري 16 هين صدي ۾ ٺٽو دنيا جو امير ترين شهر هو، پر اڄ ٺٽو ۽ سجاول ضلعو تباهه ٿي چڪو آهي، هن وقت ٺٽي ۽ سجاول جي سامونڊي پٽي جا 12 لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. 1833ع ۾ ڊيلٽا 130 ملين ايڪڙن تي مشتمل هو، پر هاڻ اهو ڊيلٽا وڃي ان جو 2 سيڪڙو بچيو آهي، 6 لک ايڪڙن تي بيٺل تمر جا ٻيلا هاڻ 70 هزار ايڪڙن تي وڃي پهتا آهن. ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر روشن چانڊيو چيو ته اسان سنڌ جي ڊاڪٽرن کي سنڌو درياهه جي تحفظ واري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ متحرڪ ڪري رهيا آهيون، سنڌ جا ڊاڪٽر پنهنجن ماڻهن سان گڏ هوندا. قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور چيو ته سنڌ رڳو صرف سڪڻ واري ناهي، پر سنڌ فلسطين بڻجڻ طرف پئي وڃي . هن چيو ته ڪينالن جي منصوبي کان اڳ ايس آءِ ايف سي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙو ڀيانڪ منصوبو آهي، درياهه تي ڌاڙي وارو منصوبو انهن جي ڪڙي آهي. ڊاڪٽر ورشا ڪنوينشن جي ڪارروائي هلائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو منصوبو انساني حقن جي کلي خلاف ورزي آهي، ان ڪري اهي منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. ڊاڪٽر ماجد ڳورڙ چيو ته سنڌو درياهه تي اڏجندڙ غير قانوني ڪينال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ 2023ع جي فراڊ اليڪشن جو نتيجو آهن، انهن منصوبن جي معاوضي طور پيپلزپارٽي کي اقتدار مليو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.