ڪئنال رٿا خلاف ٽنڊي محمد خان ۾ سوين ماڻهن جو 7 ڪلاڪ ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ خلاف ٽنڊو محمد خان جي حيدرآباد بدين روڊ تي هزارين ڪارڪنن طويل احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري 5 ضلعن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ 7 ڪلاڪ مڪمل بند رهي، ان موقعي تي ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، مرڪزي نائب صدر نثار ڪيريو، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، مرڪزي ماليات سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد نوناري، ضلعي صدر اقبال حاجاڻو، سارنگ شاھ، جمن ملاح، انيس صبحپوٽو ۽ ٻين چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ وارو نادرشاهي فيصلو سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام لاءِ سندن جياپي جي جنگ ۾ زندگي موت جو سبب بڻيل آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ آبادي واري زرعي زمين هميشه لاءِ فصلن کان محروم ڪري هڪ صوبي جي بنجر بڻيل وارياسي چولستان واري علائقي کي آباد ڪرڻ سان سنڌ کي هميشه لاءِ تباھ ڪرڻ جو اهڙو ته سنڌ دشمن منصوبو آهي جنهن ۾ سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم رکڻ جي سازش آهي ، جنهن سازش کي هاڻي سنڌ جو عوام ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻندي روڊن رستن تي احتجاج لاءِ اچي ويو آهي ، سنڌ جي عوام جي احتجاج جي رد عمل باوجود حڪمران پنهنجي نادرشاهي سنڌ ۽ پاڪستان جي دشمن منصوبي کي رد ڪرڻ لاءِ اڃان تائين ڪو به اعلان واپس وٺي نه سگهيا آهن جيڪا ملڪ جي قومي سياست لاءِ وڏو نقصان آهي ، حڪمرانن کي پنهنجي سمجھ ۽ عقل کان ڪم وٺڻ لاءِ مضبوط وفاق واري سياسي قومي مقصد جي تحت ڪئنالن کي رد ڪرڻ گهرجي ، سنڌ اسيمبلي جنهن هن ملڪ کي ٺاهڻ لاءِ پهرين قرارداد منظور ڪرائي ان کي تباھ ڪرڻ واري منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ، حڪمرانن فوري طور ڪئنالن ٺاهڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ته سنڌ جو احتجاج هاڻي ايوانن تائين وڌائڻ سان گڏ پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا روڊ رستا ڪراچي پورٽ کان وٺي سکر جي باءِ پاس ۽ ويندڙ روڊن کي بند ڪرڻ سان ڌرڻا لڳايا ويندا، ڌرڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت ، ترقي سپند انجمن مصنفين، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، پاڪستان تحريڪ انصاف، سنڌ آبادگار اتحاد، چئمبر آف ايگريڪلچر، شهري اتحاد، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته سنڌو اسان جي ماءُ آهي سنڌو تي ڪنهن به صورت ۾ پاڻي جو ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.