اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جنوري 2024 کان اسلام آباد مان گم ٿيل 4 افغان ڀائرن جي بازيابي لاءِ درخواستتي آءِ جي اسلام آباد ۽ آءِ جي پنجاب کي ذاتي حيثيت ۾ 16 اپريل تي طلب ڪري ورتو. جسٽس محمد آصف گل سيما نالي هڪ عورت جي چار گم ٿيل افغان ڀائرن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس محمد آصف اسلام آباد ۽ راولپنڊي پوليس عملدارن سان مڪالمو ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهو توهان ۽ مون سان ٿئي ٿو ته پوءِ احساس ٿئي ٿو، توهان ماڻهو اچو ۽ چئو ٿا ته اسان کي خبر ناهي، مان بلوچستان ۾ هئس، اهي چوندا هئا ته اسان وٽ ناهي، پر پوءِ اتان ئي ملندا هئا، ڪيستائين اهو سلسلو هلندو رهندو؟ جسٽس محمد آصف چيو ته جنهن جو ماڻهو گم هجي اهو هر پل جيئندو ۽ هر پل مرندو آهي، گم ٿيلن جي ماءُ وري وري منهنجي عدالت اچي ٿي، ان موقعي تي 4 لاپتا پٽن جي ماءُ عدالت ۾ روئي ڏنو. جسٽس محمد آصف چيو ته هن ڪيس ۾ اسان جي آءِ ٽي ٺاهيون ٿا، هن ۾ ڪنهن ڪنهن کي شامل ڪريون؟ وڪيل مفيد خان سوال اٿاريو ته فوٽيج ۾ نظر ايندڙ ماڻهن کي جاچ ۾ ڇو شامل نه ڪيو پيو وڃي؟ ايف آءِ آر ۾ نامزد ماڻهن کان ڇو پڇا ناهي ڪئي وئي؟ پنجاب پوليس ملوث آهي، ڪارروائي جي استدعا آهي. پوليس چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ سهڪار ڪري رهيا آهيون. عدالت اسلام آباد ۽ پنجاب جي آءِ جيز کي طلب ڪندي ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.