حيدرآباد: ڪانفرنس ۾ ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ جي شرڪت تي سمورن وڪيلن اٿي بيهي تاڙيون وڄائي سندس آڌرڀاءُ ڪيو. وڪيلن جي ڪانفرنس دوران اسٽيج تي عامر وڙائچ جي زخمي هجڻ واري تصوير لڳائي وئي ۽ سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهي ڌاڙي هڻڻ خلاف نعرن وارا بينر پڻ لڳايا ويا هئا.