پيپلزپارٽي بلوچستان پاران اختر مينگل تي تنقيد، ايجنٽ قرار

ڪوئيٽا (م ڊ) پيپلزپارٽي بلوچستان اسيمبلي جي وزيرن بي اين پي سبراهه اختر مينگل کي عالمي قوتن جو ايجنٽ قرار ڏيندي چيو ته اختر مينگل دهشتگردن جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ سامراجي قوتن جي اشاري تي صوبي کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پريس ڪانفرنس کي ترجمان بلوچستان حڪومت شاهد رند، علي مدد جتڪ، صادق عمراڻي، فيصل جمالي، اسفند يار خان ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻن چيو ته سردار اختر مينگل ڌرڻي دوران پ پ قيادت خلاف جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اها مذمت جوڳي آهي، اختر مينگل پنهنجي زبان قابو ۾ رکي نه ته اسان سخت جواب ڏينداسين، اختر مينگل نه رڳو دهشتگردن جي حمايت پر سرپرستي به ڪري رهيو آهي، اختر مينگل ڪڏهن سڪيورٽي فورسز يا معصوم مزدورن جي مارجڻ جي مذمت ناهي ڪئي. صوبائي وزيرن چيو ته بلوچستان ۾ مخلوط حڪومت آهي، پيپلزپارٽي سڀني کي گڏ کڻي هلي رهي آهي، صوبي کي ترقي ۽ خوشحالي ڏيڻ چاهي ٿي، جيڪو به شخص قانون هٿ ۾ کڻندو ۽ دهشتگردن جي سرپرستي ڪندو آئين ۽ قانون موجب ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.