اختر مينگل جو ڌرڻو: حڪومتي ڪارروائي سبب واپارين جو نقصان

اسلام آباد (منصور علي خان) ماهرنگ بلوچ جي آزادي جي حوالي سان  داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻئي پاسي اختر مينگل جي ڌرڻي جي نتيجي ۾ واپارين جو ڪروڙن جو نقصان ٿي رهيو آهي.  اهو نقصان  اختر مينگل جي ڪري نه پيو ٿئي جو ان جو ڌرڻو روڊ تي ناهي پر سائيڊ تي آهي جڏهن ته حڪومت جي کوٽيل خندقن جي ڪري  سوين ڪنٽينر ۽ ٻيون گاڏيون بيٺل آهن جن ۾  ڪروڙن جو سامان خراب ٿي رهيو آهي. حڪومت پاران  انٽرنيٽ به  بند ڪئي وئي آهي. جنهن جي ڪري واهپيدارن کي نقصان ٿي رهيو آهي، واپارين پاران انٽرنيٽ  کولڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.

نوٽ: هي  تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 11 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.